چپل ته پائي وٺو: دپيڪا جو ڦوٽو گرافر کي جملو

0
172

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا دپيڪا پڊڪون ۽ هڪ ڦوٽو گرافر وچ۾ انوکي صورتحال جي وڊيو وائرل ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب دپيڪا پڊڪون پنهنجي مڙس رنوير سنگهه سان گڏ ڀارتي رانديگر پي وي سنگهه سان ملاقات بعد هڪ ريسٽورينٽ مان ٻاهر نڪتي ته ڦوٽوگرافر جي گهيري ۾ اچي وئي، ڦوٽوگرافي دوران هڪ ڦوٽو گرافر جي  پير مان جتي لهي وئي، اداڪارا کيس جتي پائڻ جو چيو پر ڦوٽوگرافر ڪوبه ڌيان نه ڏنو. دپيڪا جي اها وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن تي صارفين تبصرا ڪندي سندس تعريف ڪري رهيا آهن.