اودي چوپڙا سان 5 سال لاڳاپا رهيا:نرگس فخري

0
709

ممبئي (شوبز نيوز) آمريڪي نسل جي ڀارتي اداڪارا نرگس فخري نيٺ اودي چوپڙا سان لاڳاپن جو اعتراف ڪري ورتو آهي سندس چوڻ آهي ته اودي چوپڙا سان 5 سال لاڳاپا رهيا. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نرگس فخري چيو ته ماضي ۾ اودي ۽ آئون 5 سالن تائين ملاقاتون ڪندا رهياسين، هن چيو ته مونکي فخر آهي ته منهنجوخوبصورت انسان سان لاڳاپو رهيو. واضح رهي ته نرگس فخري ۽ اودي چوپڙا جي لاڳاپاپن بابت ڀارتي ميڊيا ۾ 2014 کان خبرون هلندڙ آهن پر ٻنهي ان حوالي سان ڪڏهن به ڪو بيان ناهي ڏنو ۽ پهريون ڀيرو نرگس فخري ان معاملي تي کلي ڳالهايو آهي.