چٽوگرام(اسپورٽس نيوز) چٽوگرام ٽيسٽ ۾ سريلنڪا پاران پهرين اننگ ۾ 397 رنز پٺيان بنگلاديش جي ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي 318 رنز ٺاهي ورتيون. ان سلسلي ۾ بنگلاديش ٽئين ڏينهن جي راند بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 76 رنز تان شروع ڪئي. بنگلاديش جي پهرين وڪيٽ 162 رنز تي ڪري جڏهن محمد الحسن 58 رنز ٺاهي اسيٿا فرنندو جي بولنگ تي وڪيٽ ڪيپر ڊڪويلا کي ڪيچ ڏئي ويٺو.  جنهن بعد نعيم الحسين هڪ ۽ مومن الحق 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، ٻنهي کي ڪوسن راجيٿا پويلين موڪليو. تميم اقبال 133 رنز تي رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو. تميم اقبال کي 5 هزار رنز لاءِ 19 رنز گهربل آهن. راند جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي مشفيق الرحيم 53 ۽ لٽن داس 53 رنز سان وڪيٽ تي موجود آهن. بنگلاديش کي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ 79 رنز گهربل آهن.