سوال/سروي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، حصي تحت پاڻي ڏنو وڃي، نئون پاڻي معاهدو ڪريو: عوام

0
138
سوال/سروي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، حصي تحت پاڻي ڏنو وڃي، نئون پاڻي معاهدو ڪريو: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، بلاول پاران نئين پاڻي ٺاهه جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڻي ڪاميٽي پاران پاڻي چوري زيان قرار ڏنو ويو، پاڻي جي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪيو وڃي، پنجاب جي پاڻي چوري روڪي وڃي، نئين پاڻي ٺاهه جي به گهر ڪئي وئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته پراڻي معاھدي تي عمل ٿيو ئي ناهي ڪڏھن، بلڪل نئون معاھدو ٿيڻ گھرجي، عابد ڀٽي لکيو ته پاڻي پنجاب چوري ڪري ٿو بلاول جيڪو مطالبو ڪيو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي سنڌ جي پاڻي جي ورڇ سڀني کي ملندي، نادر ابڙو لکيو ته پهريان ته 91 ٺاھه تحت پاڻي ڏنو وڃي ته سنڌ جي صورتحال بهتر ٿي ويندي هاڻي پ پ چيئرمين نئون پاڻي ٺاھ جو مطالبو ڪري ٿو سنڌ کي 91 ٺاھ تحت پاڻي ڏنو وڃي ڇو جو پيپلز پارٽي هن وقت وفاق سان ڀاڱي ڀائيوار آھي،

سريش جيسواڻي به سروي ۾ حصو ورتو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت تماشو ڏسي رهي آهي، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، خاموش خليل شر لکيو ته سنڌ جون زمينون تباھ ٿيڻ کان بچايو، سنڌ صوبي کي پنهنجي صوبي جو مقرر ڪيل پاڻي پورو ڪري ڏنو وڃي ته جيئن هاري مزدور پنهنجون بنجر زمينون آباد ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن، پاڻي چوري ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي، علي گوهر سومرو لکيو ته چوري به وڏيرا ڪن زيان به وڏيرا ڪن، علي حسن جمالي نئين پاڻي ٺاهه واري مطالبي جي آجيان ڪئي، راسومل لکيو ته پاڻي جي نئين ٺاهه ۾ ٿرپارڪر تائين هڪ واهه جي صورت۾ پاڻي پهچڻ گهرجي ٿر جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته اڳي ته عمران خان جو بھانو ڏيندا ھئا ته سنڌ سان ناانصافيون پيو ڪري، هاڻ ته پاڻ اقتدار ۾ آهن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، اسامه سنڌي لکيو ته چڱو ٿيو جو بلاول هاڻي جاڳيو آھي پر جاڳيو پاڻي لاءِ ناهين ووٽ لاءِ جاڳيو آهي،

محمد الياس شر لکيو ته سنڌ جو پاڻي پنجاب پيئي پيو هن وقت سنڌ حڪومت جا پنجاب حڪومت سان لاڳاپا مضبوط آھن پنجاب کان وڌيڪ پاڻي وٺي سگهي ٿو، عبدالقادر گبول لکيو ته اسان سنڌ واسين ڪٿي چيو ته پاڻي ٺاھه غلط آھي، بس اسان ايترو چئون ٿا ته اسان کي قانون موجب پاڻي ڏنو وڃي. جيڪو اسان جا حڪمران اقتدار ۾ ھوندي به نٿا وٺي سگھن. جنيد زرين جمالي لکيو ته پاڻي چور ئي سنڌجاوڏيرا پاڻ آهن..اسان ڪھڙن قدمن جي صلاح ڏيون، سيف لکيو ته هي هنن سان مليل آھن پنجاب سان پاڻي چوري ۾ اسان سمجهو ٿا هي اسان کان اسان جو دريا کسڻ گهرن ٿا پر هي اسان کي هر دفعا لولي پاپ ڏيندا آھن اسان هنن جي چال سمجهوٿا، پاڻي نه ڇڏيو تي پنجاب جا رستا بند ڪبا، سمير احمد لکيو ته پ پ چيئرمين بلاول زرداري سنڌ پاڻي کوٽ بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪري سنڌ ۾ شديد پاڻي جي کوٽ آهي، شيراز چانگ لکيو ته بلڪل نئون معاهدو ٿيڻ گھرجي. قربان ديناري لکيو ته ڪجهه مهينا اڳ انهن پاڻ پاڻي کوٽ خلاف ٽريڪٽر ٽرالي مارچ ڪيو هو ته عمران خان پاڻي بند ڪيو آهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته سنڌ درياهه اسان سنڌين جو آهي اسان چاهيون ٿا ته 12 مهينا ئي پاڻي هجي، نديم حسين چنا لکيو ته پاڻي جو مسئلو ميرٽ تي حل ڪيو وڃي ،پاڻي زندگي آھي .

محمد الهيار لکيو ته عالمي قانون مطابق پاڻي تي سڀ کان پھريان حق پڇڙي وارن جو آھي، 91ع واري ٺاھ تي عمل ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، اسلم سمون لکيو ته پاڻي ٺاهه نئون ٿئي يا پراڻو هجي پنجاب جي هڪ هٽي هوندي ڪڏهن به سنڌ کي پورو پاڻي نه ڏيندو، مير سڪندر سولنگي لکيو ته معنيٰ ھاڻي 91 وارو ٺاھ ختم ٿيندو، آصف سومرو لکيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، راجا مهر لکيو ته بلڪل پاڻي پنجاب چوري ڪري ٿو ، ممتاز ڪنڀر لکيو ته ارسا ۾ اڪثريت جي بدران متفق طور تي فيصلا ڪيا وڃن، اھو پاڪستان ۽ صوبن جي حق م بھتر آھي. جاويد احمد لکيو ته بلاول پاڻ حڪومت ۾ آهي پاڻي ڏياري، الياس سمون لکيو ته 1991واري پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي، ممتاز علي سميجو لکيو ته نئين پاڻي ٺاهه جي ڪا ضرورت ناهي جلد 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائي پنجاب جا غير قانوني ڪينال بند ڪري حصي جو پاڻي ڏنو وڃي،

فضل سبزوئي لکيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، علي ذاڪر تنيو لکيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي فوري سنڌ کي ڏنو وڃي، محمد حنيف لکيو ته 91واري ٺاهه تي ڪهڙو عمل ٿيو آهي جو نئين معاهدي تي عمل ٿيندو، جاويد جان لکيو ته پنجاب شروع کان وٺي پاڻي چوري ڪندو رھيو آھي، شهباز علي ماڃوٺو لکيو ته ان جي پارٽي جا ماڻهو پاڻ پاڻي چوري ۾ ملوث آهن، حماد ڪنڀر لکيو ته پاڻي جو بحران ھينئر پوري سنڌ ۾ خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آھي، ممتاز ڪنڀر لکيو ته موجودا پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرايو وڃي. الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته ڪير ٿو چئي ته پاڻي چوري پيو ٿئي چوري رات جو ٿيندي آهي سنڌو درياهه تي ته ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا پيا لڳن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، علم الدين بلوچ لکيو ته پاڻي چوري به ٿئي ٿوپر اسان جي حڪومت پاڻي جهڙي مسئلي تي ڪڏهن به اثرائتا اقدام ناهن کنيا. عڪس بلوچ، محمد نواز چانڊيو، سعود احمد تنيو به سروي ۾ حصو ورتو.