پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي چيو آهي ته صدر پاڻ ئي پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو، خواهش هئي ته صدر، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ آئون گڏيل تاريخ ڏيون ها. هڪ بيان ۾ گورنر غلام علي چيو ته چونڊن واري معاملي تي صدر سان رابطو ڪيو هو، پر صدر پاڻ ئي پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته انتظام ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، ڄاڻايل تاريخ مان ڏيندس، عدالتي فيصلي کي نظر ۾ رکندي جيڪا به تاريخ موجود هوندي ان تي چونڊون ڪرائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پرنسپل سيڪريٽري جي نالي اليڪشن ڪميشن جو خط رات اٺين وڳي مليو، سيڪريٽري موڪل تي ويل آهي، سومر ڏينهن اچي پاڻ خط کوليندو.