اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ لائرز فورم سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي. جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايت آڊيو ليڪ جي بنياد تي داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست ۾ چوڌري پرويز الاهي سان مبينا گفتگو جي ٽرانسڪرپٽ به شامل آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، سندس خلاف آرٽيڪل 209 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل جج آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي سان گڏ سپريم ڪورٽ جي ساک کي نقصان پهچايو آهي، نواز ليگ جي وڪيلن جو الزام آهي ته مبينا آڊيو مان اهو تاثر ملي ٿو ته معزز جج پاران ڌرين جي رابطن دوران فيصلا ڏنا ويا. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته شڪايت تي فيصلي تائين جسٽس مظاهر نقوي کي بينچ ۾ شامل نه ڪيو وڃي.