ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت  ترين چيو آهي ته حڪومت کي 100 رپيا تيل سستو ڪرڻ گهرجي ها، پر هنن 18 رپيا سستو ڪيو جيڪو به پهرين تاريخ تي وري مهانگو ڪندا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ڊيزل 130 رپيا مهانگو ڪري 40 رپيا سهانگو ڪيو آهي. پهرين آگسٽ تي وري پيٽرول 10 رپيا مهانگو ڪيو ويندو. سڀاڻي کانپوءِ چونڊ مهم نه ٿي ٿي سگهي ان ڪري ننڍي چونڊ کٽڻ لاءِ اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. هن چيو ته هي حڪومت ڪنهن کي بيوقوم بڻائي رهي آهي.