ڀٽ شاهه )انٽرويو: رجب علي بوزدار )سنڌ جي ڀلوڙ نوجوان ملھه پهلوان غلام حسين پٺاڻ طرفان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ثقافت کاتو ملهه پهلوانن کي تمام گهڻو نظرانداز ڪري رهيو آهي، انگريزي گيمن کي اڳتي آڻي حڪومت انهن جي سپورٽ ڪري رهي آهي. ملاکڙو سنڌ جي ثقافتي ۽ قديمي پهلوان سنڌ جو اثاثو ۽ نمائندا آهي انهن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. اسان کي سپورٽ صرف عوام جي طرفان آهي، سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي کان اهو مطالبو آهي ته ملھه پهلوانن جو قدر ڪيو وڃي. اسان جا دنيا ۾ مقابلا ڪرايا وڃن، ملھه پهلوانن جا جيڪي حق آهن اهي انهن کي ڏنا وڃن. هن چيو ته هن وقت تمام گهڻي ڪرپشن ٿي رهي آهي ڀٽ شاھ ۽ قلندر سميت جيڪي وڏا وڏا ملاکڙا ٿين ٿا انهن ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ پهلوانن لاء اچي ٿي پر ملهن تي صرف 4 کان 5 لک روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا هينئر به ٿر ۾ فيسٽيول ٿيو جنهن ۾ ڪروڙين روپيا ثقافت جي نالي تي خرچ ڪيا ويا ان ۾ انگريزي گيمن تي خرچ ڪيو ويو، ملاکڙي سميت گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ٻين سنڌ جي ثقافتي راندين تي خرچ نٿا ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته آئون خانداني پهلوان آهيان تعلق سانگهڙ سان آهي منهنجو والد ۽ چاچو به پهلوان رهيا آهن منهنجو والد صاحب تقريبن 40 سال پهلوان رهيو سئوٽ به پهلوان هئا. 14 سالن جي عمر ۾ پهلواني ۾ قدم رکيو ته 3 کان 4 سال ڪاميابيون نه پئي مليون تقريبن 2017 ۽ 2018 کان پوء ڪاميابيون ملڻ جي شروعات ٿي سنڌي ماڻهن ۽ نوجوانن سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي سپورٽ ڪئي اسان سنڌ جا ملهه پهلوان آهيون جتي به ويندا آهيون ته فخر سان سنڌي سڏائيندا آهيون. افغانستان ۽ ايران ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري چڪو آهيان سنڌ جو ملھ پهلوان ٿي ويو هيس روس جو پروگرام ٿيو پر ڪرونا وبا جي ڪري نه وڃي سگهيس 10 – 12 ملڪن ۾ ماڻهو ملاکڙو ڏسن ٿا ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هڪ انگريز يوٽيوب تي ملاکڙو ڏسي ملهه ڏسڻ لاءِ هتي پهچي ويو. هن چيو ته پهلواني ۾ 32 داء آهن سمورا اسان کي نٿا اچن 15 کان 20 داءُ اسان ڪريون ٿا .