نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) آنڌرا پرديش مان آيل هڪ عجيب واقعي ۾ هڪ عورت پنهنجي مڙس جي شادي ٻي عورت يعنيٰ مڙس جي اڳوڻي دوست سان ڪرائي ڇڏي آهي، رڳو ايترو ئي نه پر ٽئي آنڌرا جي هڪ ئي گهر ۾ گڏ رهندا. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪليان ڪجهه سال اڳ ويملا سان شادي ڪئي هئي ٻنهي جي دوستي هئي ۽ پوءِ اها محبت ۾ تبديل ٿي وئي هئي جنهن بعد هنن شادي ڪئي هئي. جوڙو سوشل ميڊيا تي مقبول ٿيو جنهن کانپوءِ هڪ ٽئين عورت ظاهر ٿي پئي. نيتيا نالي عورت اوچتو ظاهر ٿي ۽ پاڻ کي ڪليان جي اڳوڻي دوست ٻڌائيندي ويملا کي اپيل ڪئي ته هوءَ ساڻس شادي ڪرڻ ڏئي. ويملا سندس اپيل تي غور ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ته هو ٽئي گڏ رهي سگهن ٿا جنهن بعد هن نيتيا کي پنهنجي مڙس سان شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي. شادي کانپوءِ ٽنهي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهن.