ڪينزس(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا جي هڪ لائبريري کان ورتل وي ايچ ايس ڪيسيٽ کي 19 سالن کانپوءِ واپس ڪيو ويو آهي. آمريڪي رياست ڪينزس جي دي جانسن ڪائونٽي سينٽرل ريسورس لائبريري جو چوڻ آهي ته روسي فلم “برنٽ بائي دي سن” جي ٽيپ 2003۾ 7 ڏينهن لاءِ ڏني وئي هئي. لائبريري جي ويب ڪونٽينٽ ڊيويلپر ايمي فيلڊ چيو ته انهن شئين تي پراڻا لائبريري جا اسٽيڪر لڳل هوندا آهن يا انهن شين جي درجه بندي جا پراڻا طريقا جن کي ڏسڻ ڪتب خانو سنڀاليندڙ لاءِ هميشه دلچسپ هوندو آهي. پر اها ڳالهه واضح نه ٿي سگهي ته اها فلم واپس ڪندڙ شخص مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو يا نه. لائبريري دير سان شيون واپس جمع ڪرائڻ تي روز جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪندو آهي پر هر شيءِ جي فيس 6 ڊالرز آهي. ايمي فيلڊ جو چوڻ هو ته ان عير معمولي واپسي سان ان شخص کي سبق سکڻ گهرجي جنهن ڊگهي مدت کان ڪنهن ٻئي جي ڪا شيءِ پاڻ وٽ رکي آهي.