ڀاءُ سونا هار، ڪڙا، واليون ۽ ڪنگڻ کپائي ڇڏيا: غلام فاطمه چوهاڻ

0
228

سکر(بيورو رپورٽ) ميرپورماٿيلو جي رهواسڻ پيرسن عورت غلام فاطمه چوهاڻ سکر پريس ڪلب آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته هو ڪجهه وقت اڳ مڙس کان ناراض ٿي ڀاءُ الهڏتو چوهاڻ وٽ رهندي هئي، جتي هن پنهنجو لکين روپين جو سون جنهن ۾ هار، ڪڙا، والا، واليون، ڪنگڻ ۽ ٻيا سونا زيور ڀاءُ وٽ رکيا هئا جيڪي هن پنهنجي ڄاٽي غفور کي گهر جي خريداري لاءِ ڏئي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن هاڻ سونا زيور گهرڻ تي انڪار ڪندي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ مان بي گهر ٿي در در جون ٺوڪرون کائي رهي آهيان، هن چيو ته ڪافي ڀيرا پاڪ ڪتاب کڻي وئي آهيان پر سونا زيور واپس ناهن ملي سگهيا، هن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته لکين روپين جا خانداني سونا زيور ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.