اوٻاوڙو ويجهو ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان ڌنار مارجي ويو

0
244

وٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ويجهو ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان ڌنار مارجي ويو، رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ ڌونڌو برادري جو ٻيهر تڪرار ڀڙڪي اٿيو، ٻنهن ڌرين ھڪ ٻي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب ڌنار اجمل پٽ گھنڃو ڌونڌو قتل ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪجهه ڪلاڪن تائين واردات واري جاءِ تي پيل رھيو پر پوليس پھچڻ جي زحمت نه ڪئي، بعد ۾ وارثن لاش کڻائي تعلقه اوباوڙو پھچايو، جتي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان چوپائو مال چاري رھيو ھو ته شر برادري جي ھٿيار بندن سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ چوپائو مال به ڪاھي ويا آهن.