ملير(رپورٽر) ملير جي قومي تڪ اين اي 237 تي پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ چيو آهي ته 25 سيپٽمبر تي پ پ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي، عمران خان نااهل ۽ ڪوڙو شخص آهي، جنهن ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو، ڪالهه چونڊ مهم جي سلسلي ۾ خلدآباد ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن 2018ع ۾ پي ٽي آءِ ڌانڌلي ۽ آر ٽي ايس ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي، هاڻ عوامي سمنڊ پي ٽي آءِ  کي لوڙهي ڇڏيندو، ان موقعي تي پ پ ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد چيو ته ملير پ پ جو قلعو آهي، ملير جي گهٽين ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو گونجي ٿو،هتان جون عوام پ پ سان محبت ڪري ٿو،25 سيپٽمبر تي پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي،