حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شاعرن ۽ اديبن چيو آهي ته پروفيسر ستار سومرو جي وڇوڙي جو خال ڀرجي نه سگهندو، کيس ادب سان بي پناهه محبت هئي ۽ هو نوجوانن لاءِ اتساهه هو، بزم روح رهاڻ پاران لطيف جي پارکو پروفيسر ستار سومرو جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڳالهائيندي شاعر جبار تاثير سومرو چيو ته ستار سومرو ڀٽائي جو عاشق ۽ ننڍپڻ کان لطيفيات جي فڪر سان لاڳاپيل ھو. اسڪول جي زماني ۾ جشن لطيف جي پروگرامن ۾ گهري دلچسپي رکندو هو. هو نوجواني ۾ وڇڙي جو صدمو ڏئي ويو آهي. اديب ادريس جتوئي چيو ته ستار سومرو سان ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون. هن پاڻ کي لطيف کان پري نه رکيو. ڀٽائي جي عاشقن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو تڏهن ستار سومري کي ضرور ياد ڪيو ويندو. بشير چنا چيو ته ستار سومرو جي وڇوڙي سان اسان لاءِ پيار ۽ محبت جا در بند ٿي ويا آهن. ان موقعي تي سليم چنا، رحمت سومرو، واحد ڪانڌڙو، فقير مظھر سومرو ۽ ٻين به ويچار ونڊيا.