مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۽ ڀرپاسي ڇنڊڻ موري جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، صورتحال خراب ڏسي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به ڇنڊڻ موري جو معائنو ڪرڻ پهچي ويو.  ان موقعي تي ڊي سي پاران کيس ڇنڊڻ موري ۽ بندن بابت بريفنگ ڏني وئي، شرجيل انعام ميمڻ ڊي سي ۽ آبپاشي عملي کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڇنڊڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيڪي به اپاءَ وٺڻ گهرجن اهي فوري طور تي وٺي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن پاڻي وڌڻ کان بچايو وڃي، جيڪي مشينري گهربل آهي اها فوري طور گهرائي وڃي، گهارا به نه پوڻ گهرجن، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڊي سي اوهان فوري طور تي شهرن اندر بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي شهر صاف ڪرايو.، صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران جيڪي به رليف ڏنو پيو وڃي اهو بنا فرق جي ضلعي جي عوام کي ڏنو وڃي، شرجيل ميمڻ موجب ضلعي اندر ڪئمپن تي ترسيل ماڻهن کي به کاڌ خوراڪ وقت سر ملڻ کپي. ان ۾ ڪا به ڪوتاج جي برداشت نه ڪئي ويندي.