شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي لال باغ هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج ۾ ترسيل برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته کين ڪئمپن ۾ ڪا به سهولت ناهي، هنن چيو ته نه ئي کاڌ خوارڪ فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي پيئڻ جو پاڻي موجود آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪئمپن ۾ سهولتون فراهم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،