دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ۾ ڦل روڊ تي برسات متاثرن سهائتا نه ٿيڻ خلاف ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته محرابپور ۽ ڪنڊيارو سميت مختلف ھنڌن کان روڊن ۽ شاخن کي ڪٽ ڏئي زمينن ۾ بيٺل برساتي پاڻي پڊعيدن ۽ دريا خان مري ڏانھن نيڪال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، هنن چيو ته علائقي ۾ 8 کان 12 فوٽ پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري جنازا دفنائڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، هنن چيو ته انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن پاران ھن مھل تائين ڪو به ٽينٽ، راشن توڙي مڇر دانيون ناھن ڏنيون ويون، احتجاج ڪندڙن گھر ڪئي ته فوري طور تي سهائتا ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،