باڊھه ( ن پ ا ) يونين ڪائونسل سيهڙ جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، سيهڙ اسٽيشن، يار علي چانڊيو، ڪمال جوڳي، مصري سيهڙ، صوبدار سرگاڻي ۽ ٻيا ڳوٺ مڪمل پاڻي هيٺ آهن، سوين جايون ڊھي پٽ پئجي ويون، ڳوٺاڻا ريلوي بند ۽ رائيس ڪينال جي ڪپر تي پنهنجي مدد پاڻ تحت رليون ٽنگي ويٺل آھن،فداحسين جوڻيجو، راهب جوڳي،انور ۽ ٻين پنهنجي اخبار آڏو دانهيندي چيو ته  يو سي سيهڙ جي سمورن ڳوٺن کي باڊھه موهن جو دڙو روڊ کي بااثرن ڪٽ ڏئي ٻوڙايو آھي جڏهن ته اهو ڪٽ هن وقت تائين بند ناهي ڪيو ويو جنهنڪري اسان جي ڳوٺن ۾ 5 کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آھي اڃا پاڻي تيزي سان وڌي رهيو آھي هنن چيو ته يوسي سيهڙ جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪا به رليف ڪئمپ قائم نه ٿي سگهي آھي اسان جا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن بچيل گهرن ۾ پاڻي بيٺو آھي اسان کلي آسمان هيٺ بئراج جي ڪڙ تي بي يارو مددگار ويٺل آھيون هنن چيو ته چوڌاري پاڻي هئڻ ڪري بيمارين ڪر کنيو آھي پر افسوس هن وقت تائين ڪا به ميڊيڪل ڪئمپ قائم نه ڪئي وئي نه ئي راشن ملي سگهيو آھي ٻچا بکن تي ويٺل آھن متاثر ڳوٺاڻن وس وارن کي فوري طور واهر جي اپيل ڪئي آھي.