ھالاڻي (ن پ ا) هالاڻي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين علائقي کي هٿ وٺي ٻوڙڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عبدالغفار سولنگي، عبدالستار رند، آصف رند، منظور سولنگي ۽ ٻين چيو ته شھر ۽ ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ ھڪ بند ڏياريو هو جيڪو ڪجهه شرپسند ٽوڙڻ لاءِ مختلف قسمن جا حربا استعمال ڪري رھيا آھن، هنن چيو ته پاڻي ايترو ته شھر ۾ داخل ٿي چڪو آھي، اھڙي صورتحال سبب هالاڻي شھر ۽ سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آھي، هنن چيو ته بااثرن پاران زمينن ۾ جھٽا ھڻي پاڻي ڪڍڻ سبب دٻاءُ وڌي ويو آھي، پاڻي جي وڌندڙ دٻاءَ سبب ڪيتريون ئي آباديون لڏپلاڻ ڪري رھيون آھن، ھنن اختيارين کان گھر ڪئي ته بند کي مضبوط ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي،