حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تلهار جي شهر راڄو خاناڻي جي رهواسي محمد انس نظاماڻي مطالبو ڪيو آهي ته سندس پلاٽ تي قبضي جي ڪوششن کي روڪي کيس ڌمڪيون ڏيندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن الزام مڙهيو ته پلاٽ تي قبضي خاطر علائقي جا ڪجهه بااثر ماڻهو ۽ سندن ساٿي کيس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪري ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.