ڪراچي: پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ سميت ٻين پارٽين پاران اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ ڌانڌلين، عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن تي سامان جي کوٽ سميت سست رفتاري جون شڪايتون اماڻيون ويون، پيپلز پارٽي جي بلاول هائوس ۾ قائم ٿيل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر پاران اليڪشن ڪميشن ڏانهن مختلف نوعيت جون 17 شڪايتي درخواستون اماڻيون ويون، جڏهن ته جماعت اسلامي پاران 5 ،  پي ٽي آءِ پاران 3، تحريڪ لبيڪ پاران 4 ۽ ٻين آزاد اميدوارن پاران پڻ اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکت ۾ شڪايتون اماڻيون ويون.