دادو( رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ميونسپل جي 24 وارڊن مان 18 ، وارڊن تي پ پ اميدوار ، 3 تي پي ٽي آء ، 2 تي آزاد ۽ هڪ وارڊ تي اميدوار جي فوتگي سبب اليڪشن ملتوي ٿيل آهي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب وارڊ نمبر 8 تان  تحريڪ انصاف اميدوار وقار لاشاري 214 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. پ پ جو بشير الدين قريشي  180ووٽ کڻي سگھيو،  وارڊ 21 تي پ پ اميدوار حاجي لائق سولنگي 392 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ، وارڊ 22 تي پ پ جي حاجي لياقت سومرو،  وارڊ 24 پ پ اميدوار عامر فاروق جمالي ، وارڊ 13 تي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق جو پٽ پير دانش 473 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ، پي ٽي آء جي ادريس ڀرٽ 150 ووٽ کنيا . وارڊ 23 تي پ پ اميدوار وقار لنڊ 1200 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ، وارڊ 1 تي پ پ اميدوار شمس الدين بابن خان پنهور341 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. وارڊ 9 تي پ پ اميدوار اختر حسين ميمڻ، وارڊ 7 تي آزاد اميدوار استاد بخاري جو ڏوهٽو سيد امير علي بخاري 478 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پ پ جي محمد علي پپو سولنگي 319 ووٽ کڻي سگهيو  آهي.   وارڊ 6 تي پ پ اميدوار حفيظ جمالي، وارڊ 15 تي آزاد اميدوار وڪيل حبيب الله لغاري 340 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جو عبدالڪريم لغاري 279 ووٽ کڻي سگهيو  وارڊ 12 تي پ پ اميدوار وڪيل سعيد احمد ملاح، وارڊ 19 تي پ پ اميدوار رياض حسين گوپانگ ڪامياب رهيو،  وارڊ 17 تي پي ٽي آء اميدوار شاهد زنئور 795 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ اميدوار علي خان زئونر 603 ووٽ کنيا، وارڊ 4 تي پ پ اميدوار ايم عمر پنهور ، وارڊ 5 تي پ پ اميدوار قربان چانڊيو ڪامياب ٿيا، جڏهن ته وارڊ 11 تي پ پ اميدوار خالد ميراڻي ۽ وارڊ 14 تي پ پ اميدوار رفيق احمد ميراڻي اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل هئا ، ھوڏانهن وارڊ 20 تي پ پ اميدوار احمد سولنگي اليڪشن کان اڳ فوت ٿي ويو سندس مقابلي ۾ پي ٽي آء جي عورت اميدوار بشيران سولنگي هئي.