سن (رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي) سن ٽائون ڪاميٽي سن جي 4 وارڊن تي ايس يو پي جا اميدوار ڪامياب،  وارڊ نمبر 1 تي ايس يو پي اميدوار  شھمير ملاح 604 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو  ۽ پيپلزپارٽي  جو علي رضا لنڊ 114 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ نمبر 2 تي ايس يوپي جو آصف شاھ 388 ووٽ کڻي کٽي ويو، پيپلز پارٽي جو  ڪريم بخش ملاح 105 ووٽ کڻي هارائي ويو،   وارڊ نمبر 3 تي ايس يوپي اميدوار  اياز خاصخيلي 377 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پيپلز پارٽي  جو  مراد شاھ 86 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ نمبر 4 تي ايس يوپي جي  چاندي خان پليجو 357 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پيپلز پارٽي جو سھراب پليجو 313 ووٽ کڻي هارائي ويو، يوسي لاکا تي ايس يو پي جي جرنل ڪائونسل جي اميدوار  علي نواز ڪنڀر 810 ووٽ کڻي ڪامياب، پيپلز پارٽي جو اميدوار  اشفاق ميمڻ 607 ووٽ کڻي هارائي ويو، جڏهن ته يوسي آمري ۾ پيپلز پارٽي جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اميدوار ھادي بخش رند 274 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ايس يوپي جو اميدوار اڪرم شاھ 201 ووٽ کڻي هارائي ويو،  يوسي شالماڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي ڪائونسل اميدوار ڪمال خان ڇڇر 13 پولنگن تان 3468 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ايس يوپي جو اميدوار،  محمد حسن ڇڇر 2476 ووٽ کڻي هارائي ويو، ٻي طرف  سن ويجهو يوسي شالماڻي جي  ڪلري پولنگ تي ڳڻپ دوران  مبينا طور  170 جعلي وٽ هٿ ڪيا ويا آهن، ڪلري جي پولنگ اسٽيشن تي ڳڻپ دوران بنا پرزائيڊنگ آفيسر جي صحيح ۽ اسٽيپ جي جعلي ووٽ ملڻ تي ڳڻپ جو عمل روڪيو ويو  پرزائيڊنگ آفيسر موجب ته   ووٽ لسٽ مطابق جيڪي به ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن  اهي پورا آهن پر 170 ووٽ جعلي مليا آهن، اهي بوٿ ۾ ڪئين آيا  ان بابت مونکي ڄاڻ ناهي، هوڏانهن ڌانڌلي جي اطلاع ملڻ تي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ ڪلري جي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ويو، ايس يو صدر  سيد زين شاھ اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي ماڻهن پنهنجا اميدوار کٽائڻ لاءِ بوگس ووٽ وڌا  آهن، اهڙي ڌانڌلي نه رڳو ڪلري جي پولنگ مان ملي آهي پر پوري مانجهند تعلقي ۾ ڪئي وئي آهي،  اسان اهڙي عمل خلاف قانون جو رستو اختيار ڪنداسين.