حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ انڊسٽريز کاتي پاران پ ٽ الف جي مرڪزي چونڊن ۾ لڪي شاهه صدر پئنل جي ڪاميابي وارو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ڌرين کي 11 مئي تي پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڀٽائي پئنل جي مرڪزي صدارتي اميدوار شفيع محمد سٺيو ۽ جنرل سيڪريٽري سڪندر جتوئي پنهنجي وڪيلن ماما يوسف لغاري ۽ اياز حسين تنيو معرفت ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته 12 اپريل تي ڀٽ شاهه ۾ آل سنڌ پرائمري اسڪول ٽيچرز ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) جي مرڪزي چونڊ ٿي هئي. چونڊن ۾ لڪي شاهه صدر پئنل جي اميدوارن 173 ووٽ کنيا جڏهن ته ڀٽائي پئنل جي عهديدارن 175 ووٽ کنيا. جنهن بعد 12 اپريل تي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي ڀٽائي پئنل جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. عدالت ۾ وڪيلن دليل ڏيندي عدالت کي آگاهي ڏني ته 13 اپريل تي ڊپٽي ڊائريڪٽر انڊسٽريز پاران مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن رد ڪندي هارايل لڪي شاهه صدر پئنل جي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جيڪو عمل آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي ڇاڪاڻ ته عدالت پاران انڊسٽريز کاتي کي چونڊن جي نگراني جو حڪم ڏنو ويو هو پر عملدارن اختيارين جو ناجائز استعمال ڪري پئنل جي ڪاميابي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. وڪيلن عدالت کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل نوٽيفڪيشن رد ڪندي ڀٽائي پئنل جي اميدوارن جي ڪاميابي بابت مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن بحال ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ 13 اپريل تي انڊسٽريز کاتي پاران لڪي شاهه صدر پئنل جي اميدوارن جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي پاران ڀٽائي پئنل جي اميدوارن جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن بحال ڪري ڇڏيو آهي. گڏوگڏ عدالت انڊسٽريز کاتي جي عملدارن ۽ لڪي شاهه صدر پئنل جي صدارتي اميدوار غلام رسول مهر، جنرل سيڪريٽري غازي خان جمالي ۽ ٻين نوٽيس جاري ڪندي 11 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. درخواستن جي ٻڌڻي عدالت چيمبر ۾ هلائي هئي. ايڊووڪيٽ اياز حسين تنيو موجب عدالتي فيصلي جو تفصيلي آرڊر اڄ جاري ٿيندو.