اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم وزارت گريڊ 18 جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد مبين احمد ۽ گريڊ 17 جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر راجڪمار جي ذميوارين ۾ غفلت ۽ بي ضابطگيون ثابت ٿيڻ تي نوڪري ختم ڪري ڇڏي، پيٽروليم ڊويزن ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڄاڻايل ٻنهي ملازمن جي نوڪري ختم ڪري ڇڏي، پيٽروليم وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پيٽروليم ڊويزن جي گيس ۽ تيل جي ڳولا وارن مامرن کي ڏسندڙ شعبي جي ٻن آفيسرن کي ذميوارين ۾ غفلت ۽ بي ضابطگين جو مرتڪب ٿيڻ تي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، نوڪري مان ڪڍيل ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڄاڻايل شعبي جي پبلڪ سيفٽي کي نظر انداز ڪندي 13 آئل ٽرمينلن جا لائسنس جاري ڪيا، اٽڪ پيٽروليم کي جعلي لائسنس ڏيڻ جو به مرتڪب ثابت ٿيو توڙي جي ان جي سائيٽ اڃا زير تعمير هئي، هٽايل ٻنهي آفيسرن کي 30 ڏينهن اندر ان فيصلي خلاف لاڳاپيل فورم تي اپيل داخل ڪرڻ جو حق حاصل آهي.