جهنڊومري (ن پ ا) عثمان شاھ هڙي جي احساس ڪفالت سينٽر تي موجود ايجنٽ پاران ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪٽوتي بابت شڪايتون اچي رهيون آهن پر انتظاميا پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو نه ئي ڪا ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي. ٻئي پاسي ايجنٽ پاران ادارن بابت ڳالهايل ڪلپ ۾ ادارن بابت گٿا لفظ ڳالهايا ويا ۽ اهو پڻ چيو ته منهنجو ڪير به ڪجھ بگاڙي نٿو سگهي، اهڙو ڪلپ ليڪ ٿيڻ بعد علائقي جي سياسي سماجي توڙي سول سوسائيٽي مطالبو ڪيو آهي ته ادارن بابت گٿا لفظ ڳالهائيندڙ ايجنٽ زاهد خلاف فوري ڪارروائي ڪري عورتن جا ڪٽيل پئسا واپس ڏياريا وڃن.