ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي انڪشاف ڪيو آهي ته صوبي جو مالي بحران سنگين ٿي ويو آهي، سرڪاري ملازمن کي پگهار ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن. پنهنجي بيان ۾ عبدالقدوس بزنجي چيو ته پئسا نه هجڻ سبب صوبي جا ترقياتي ڪم ٺپ ٿي ويا آهن، سخت سيءَ ۾ ٻوڏ متاثر بحالي جي اوسيئڙي ۾ آهن، صوبي کي ان جو حصو ملي وڃي ته ٻوڏ متاثرن کي سنڀالي سگهون ٿا.هن چيو ته وزيراعظم کي اپيل آهي ته ڪوئيٽا اچي ۽ مالي بحران جو پاڻ جائزو وٺي. عبدالقدوس بزنجي وفاق کان فوري طور صوبي جي قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جو حصو جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.