اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پاران روس کان تيل ۽ ايل اين جي خريداري بابت ٻنهي ملڪن ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ حڪومتي سطح تي ڳالهين لاءِ اٺون اجلاس ختم ٿي ويو، روس جي 80 رڪني وفد جي قيادت اسرافيل علي زاد ڪئي، پاڪستان جي طرفان اقتصادي مامرن واري سيڪريٽري جي قيادت ۾ وفد ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي،  پڌرائي مطابق ٻنهي ملڪن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين ڳالهيون جاري رهنديون، 20 جنوري تي ڪميشن جي مين پروٽوڪول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدن تي صحيحون به ڪيون وينديون،اقتصادي مامرن واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ واپار، سرمائيڪاري، زراعت، توانائي ۽ صنعت جي شعبن سميت تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز تي به مشاورت  ڪئي وئي،  ذريعن مطابق روس پاڪستان کي ڀارت کي ڏني ويندڙ قيمت تي تيل ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊالر بدران پنهنجي پنهنجي ڪرنسي ۾ واپار ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي،  ته جيئن ڪو ٽيون ملڪ پابندي نه لڳائي سگهي، ذريعن مطابق روس اسٽيل مل جي بحالي لاءِ تعاون جي به آڇ ڪئي آهي، ذريعن مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي معاهدي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، گيس پائيپ لائين ۽ گيس جي ذريعن جي حوالي سان دستاويزن جي  ڏي وٺ ٿي چڪي آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي اقتصادي مامرن جي سيڪريٽري چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تعاون مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، ٻوڏ سبب پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيو آهي، بحران جي دور ۾ عالمي برادري پاران تعاون  تعريف جوڳو آهي، اقتصادي واپار ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ پاڪستان جي پهرين ترجيح آهي، اسرافيل علي زاد چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجي تعلقات کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، معيشت جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي سٺي سطح آهي ۽ اسان ان کي وڌيڪ وڌائڻ جو ارادو رکون ٿا، ٻنهي معيشتن وچ ۾ تعاون جي گنجائش آهي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) روس جو توانائي وارو وزير نڪولائي شولگينوف پاڪستان پهچي ويو، روسي وزير 25 رڪني وفد سان گڏ اسلام آباد پهتو، روسي وفد ۾ آئل ڪمپني ايل اين جي سيڪٽر جا ماهر به شامل آهن، ان کان اڳ 80 رڪني روسي وفد پهريان ئي پاڪستان پهچي چڪو آهي، روس وزير اڄ پاڪ روس وزارتي سطح تي ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندو،  روسي توانائي وارو وزير  ۽ پيٽروليم جو مملڪتي وزير مصديق ملڪ حتمي ڳالهين ۾ شريڪ هوندا، اڄ خام تيل، تيار ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن تي حتمي ڳالهيون ٿينديون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ 20 جنوري تي معاهدو طئه ٿيندو.