اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي چونڊن ۾ ق ليگ ۽ ن ليگ وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ مشورا شروع، ذريعن مطابق پرويز الاهي گروپ جي ڌار ٿيڻ بعد مسلم ليگ (ق) آئنده جي لاءِ سياسي مستقبل جو  تعين ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي قوت ۾ واضح گهٽتائي اچڻ بعد چوڌري شجاعت ن ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي مشاورت جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، شجاعت گروپ ن ليگ سان پنجاب اسيمبلي ۽ عام چونڊن  ۾ اتحاد جي خواهش رکي ٿو، ن ليگ جي ذريعن مطابق مسلم ليگ (ن) چونڊن بابت سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي مريم نواز جي واپسي کان پوءِ مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي، ن ليگ طرفان ق ليگ کي پارٽي ۾ ضم ڪرڻ بابت به تجويز تي مشاورت جو امڪان آهي.