“پِيريءَ ۾ منهنجو ڪيڏو نقصان ٿي ويو…!”

0
212
“پِيريءَ ۾ منهنجو ڪيڏو نقصان ٿي ويو…!”

 منهنجي ڳوٺ جون ڳالهيون به عجيب آهن، اتان جون ڪهاڻيون، ڪردار، مڪالما… سڀ ڪجهه ئي ته عجيب آهي! هي سنڌ جو ڪو انوکو ڳوٺ ناهي، سڄي سنڌ جي ڳوٺن جيان هڪ سهڻي وسندي… بلڪل، حسن درس جي شاعريءَ جهڙو ڳوٺ. هُن هڪ ڀيري لکيو هو:

وڻـــن تي ڪانگ هئا ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،

پــــراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو۔

                 اڄ جڏهن ان ڳوٺ جو ساروڻيون، ڪونجن جيان قطار ٺاهي اڳيان بيٺيون آهن ته اتي مان تصور جي عالم ۾ يار محمد کي ڏسي سگهان ٿو. خبر ناهي هن وقت هن جي طبيعت ۽ حالت الائي ڪهڙي هوندي!؟ ڇاڪاڻ ته ڪافي ورهيه اڳ هو ڳوٺان لڏي بدين طرف پنهنجن مائٽن ڏانهن هليو ويو هو، پر اڄ به جڏهن هن جون ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته مرڪ بي اختيار چپن تي اچيو وڃي. اهو يار محمد ئي هو، جنهن کي جڏهن هڪ ڀيرو بخار ٿيو ۽ کٽ ڀيڙو ٿيو ته گهر جو ڪُڪُڙ، هر هر کٽ جي ويجهو اچي ٻانگون ڏيڻ لڳو. يار محمد ڪيترائي ڀيرا ‘ڪُڙ ڪُڙ’ ڪري ڪڪڙ کي ڀڄايو، پر ڪڪڙ ڪٿي پيو مڙي. آخر تنگ تي کٽ ڀرسان پيل سِر جو اڌڙ کڻي، اهو چئي وهائي ڪڍيائينس ته “سڀ مولوي پٽ ٿي ويا آهن!” ڪڪڙ ته بچي ويو، پر اها ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ مشهور ٿي وئي. اڄ به جڏهن ڪو ماڻهو، خاص ڪري مذهبي مسئلن تي مناظرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ڳوٺاڻا، اهو چئي ماٺ ڪرائيندا اٿس ته “سڀ مولوي پٽ ٿي ويا آهن!” …. ۽ پوءِ ٽهڪڙن جا آواز هوندا آهن.

يار محمد کانسواءِ سليمان ڊکڻ جو ڪردار به حيرتن ۾ وجهندڙ هو. سليمان جي اها خصوصيت هئي ته جيڪو به، جهڙي به ڳالهه ڪندو، سليمان مسڪرائي سينو تاڻي چوندو: “ائين مون به ڪيو” يا “اهو مون سان به ٿيو!” هڪ ڀير ڳوٺ جي اٽڪلي ڇوڪرن حرفت ڪئي ۽ سليمان جي دڪان تي وڃي، ڪچهري شروع ڪئي. هڪ ڄڻو چوڻ لڳو: “يار، مونسان وڏو ظلم ٿيو هو، هڪ ڀيري ٻڪري چوري ڪرڻ دؤران ڀاڳين پڪڙي ورتو. هڪ ته ڏاڍي مار ڪڍيائون ۽ ٻيو….. پوءِ بس اهڙي ڳالهه آهي، جيڪا ٻڌائي به نه ٿو سگهان!” ڇوڪرن جي ته پاڻ ۾ صلاح ٿيل هئي، سو زور ڀرڻ لڳس ته، “ٻڌاءِ، پوءِ توسان ڇا ٿيو.” هوڏانهن سليمان جو اتساهه به ويو وڌندو، ڇاڪاڻ ته هن کي به روايت مطابق ساڳي ڳالهه ڪرڻي هئي. نيٺ ان ڇوڪري، اداڪاري ڪندي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو ته “ڀاڳين مون سان جنسي ڏاڍائي ڪئي!” ڳالهه پوري ٿيڻ کانپوءِ ماٺ ٿي وئي. هاڻي سڀ سليمان ڊکڻ جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳا ته ڇا ٿو چئي. هو ڪجهه دير ته چپ رهيو، پر ڪيستائين؟ هن کان برداشت نه ٿيو. ڀر ۾ ويٺل همراهه سان تاڙو ملائي چوڻ لڳو: “يار، مونسان به هڪ ڀيري ائين ٿيو هو!” سليمان جي ڳالهه ٻڌي ڇوڪرن ۾ هوڪريا پئجي ويا ته هو پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿيا، پر اها ڳالهه اڄ به سليمان نه سمجهي سگهيو آهي!

سليمان ته ڳالهه نه سمجهي سگهيو، پر ان عالم سڳوري جون ڳالهيون به ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيون، جيڪو هڪ ننڍڙي ڳوٺ کان حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو هو. اتي پهچي هن خطابت جي فن ۾ پاڻ ملهايو. هن جي نالي مشهور آهي ته پنجاب ۾ جتي به مجلسون ٿينديون هيون، هن جي شرڪت ضروري هوندي هئي. توڻي جو سرائيڪي بيلٽ سان تعلق رکندڙ ذاڪر، تقرير جي فن ۾ ڀڙ آهن، پر اسان جي مولوي صاحب سان جوڙ نه هئن! علامه صاحب جي پهچڻ سان مجلس ۾ ويٺل ماڻهو به احترام ۾ اٿي بيهندا هئا. فوج پوليس سميت هر کاتي جا وڏا آفيسر ڄڻ هن جا مريد هئا. پوءِ هن حيدرآباد جي هڪ غير سنڌي فيمليءَ مان شادي ڪئي ۽ سندس پروفائيل ۾ جنم جو هنڌ، حيدرآباد ئي لکجي ويو! پوءِ هن ڪڏهن به ڀلجي ڳوٺ ڏانهن نه نهاريو، نه ئي ان جي مالڪي ڪئي. ڳوٺ ڇا، هن صاحب پنهنجي پهرين گهر واري ۽ ان جي ٻارن جي، جيڪي هاڻي مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آهن، جي سنڀال به نه لڌي. هڪ ڀيري ماءُ جي انتقال تي ڳوٺ ته آيو پر ٻه ڪلوميٽر مقام کان پري هجڻ سبب به سفر اي. سي ڪار ۾ ڪيائين. هو هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو. آخري وصيت موجب مرقد ڀٽ شاهه تي اٿس، پر هن جا اهي ٻاروتڻ جا دوست اڄ به ڳوٺ ۾ موجود آهن، جيڪي هن جون ساروڻيون سارين ٿا، جنهن ۾ بيوفائي جون ڳالهيون سرس هونديون آهن!

ڳوٺ جي ساروڻين ۾ چاچي غلام کي به ڪير وساري ناهي سگهيو. ڳالهين جو ڳهير غيرت حشمت وارو مڙس. هن جي نالي سان مشهور آهي ته جڏهن پرو چانڊييءَ رڍ ٻڪريءَ جي چورين سان ڏوهن جي دنيا ۾ انٽري ڏني ته هن پهرين چوري ئي چاچي غلام جي ڳوٺ مان ئي هڪ ريڊيو چورائي ڪئي هئي. جڏهن غلام کي خبر پئي ته نه فقط ڳوٺ وڃي اهو ريڊيو واپس ورتائينس پر چماٽون به هنيائيس. پرو چانڊيو، جڏهن پنهنجي عروج واري دؤر ۾ داخل ٿيو ته اڪثر چاچو غلام خبردار رهندو هو. ساڳي وقت هو پروءَ جون ڪافي تعريف سان ڀريل ڳالهيون به ڪندو هو. هو هميشه، پروءَ کي پريل سڏيندو هو. چوندو هو: “دشمن مڙس ماڻهو هجي ته ان جي عزت ڪجي.” جنهن ڏينهن پرو چانڊيو، پوليس جي مقابلي ۾ پنهنجي ساٿي غلام قادر ميربحر سان گڏ شاهه پنجو سلطان ۽ باليشاه واري رستي تي پنهنجي مرشد سعدي موساڻي جي ويجهو ئي ريلوي ڦاٽڪ تي مارجي ويو، ان ڏينهن چاچو غلام ڏاڍو اداس ٿي ويو هو. هو بار بار “دشمن مري ته خوش نه ٿيوين…” جي سٽ ورجائي رهيو هو. ان زماني ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ وڏي دهشت پکيڙيندڙ پرو چانڊيي جي لاش تي هزارين اجرڪ پيا هئا، انهن مان هڪ اجرڪ چاچي غلام جو به هو! چاچو غلام هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو، پر هن جون ڳالهيون ياد آهن. جن ۾ ڪڏهن پروءَ جي گلا ته ڪڏهن هن جي نيڪي ڪندو هو. شايد اهو سنڌي سماج جو مجموعي رويو آهي. اسان سنڌي ماڻهن ۾ ڪنهن به هڪ مؤقف تي بيهڻ جي سگهه ناهي. پاڻ ڦرڻا گهرڻا لاٽن جيان آهيون. “هي به درست آهي، هو به ٺيڪ آهي، تون به صحيح آهين، مان به غلط ناهيان…!” جي فلسفي هيٺ سنڌي سماج صدين کان هلي پيو، جنهن ۾ گهڻو ڪري نقصان ئي پهتو آهي.

ماضي قريب ۾ نقصان ته ان پوڙهي پيءُ جو به ٿي ويو هو؛ جنهن پنهنجي جوان پٽ کي منع به ڪيو ته جنهن خاندان جي ڇوڪريءَ سان تنهنجو عشق آهي ۽ شادي ڪرڻ چاهين ٿو، اهي ڏوهاري ذهنيت جا ماڻهو آهن، پر جواني ڪٿي ٿي جهلجي! پيءُ جو چوڻ نه مڃي پهرين هن گهر تياڳيو، پوءِ شادي ڪيائين. اڃا ٽي مهينا مس گذريا ته هن جي گم ٿيڻ جي خبر ڳوٺ ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي. پندرهن ڏينهن کانپوءِ ساهراڻي شهر جي ٻاهران ڪني پاڻيءَ جي کڏ مان همراهه جو ڳريل لاش مليو. سڃاڻپ کان ٻاهر، پر پيءُ، جوان پٽ جو لاشو هن جي ڏندن تي سڃاڻي، دڙڪا ڏئي چوڻ لڳس: “ڪتا! مان توکي ڪيڏو جهليو هو ته اتان شادي نه ڪر، هاڻي پيريءَ ۾ منهنجو ڪيڏو نقصان ٿي ويو…!” جوان پٽ جي هڏائين پچري تي پوڙهي پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي هر پاسي سڏڪن جا آواز بلند ٿي ويا. ڪٿي گهٽيل سڏڪا، ڪٿي ٽڙيل ٽهڪ… زندگي، ان عمل جو نالو آهي.