پاڪستان جي سائفر زده سياست

0
135
پاڪستان جي سائفر زده سياست

 اھو 2 مئي 1976ع جو ڏينھن ھو، پاڪستان جي گادي واري شھر اسلام آباد سان لڳو لڳ شھر راولپنڊيءَ ۾ معمول مطابق ڪاروبار زندگي روان دوان ھو. اھو ڏينھن معمول جي ڏينھن کان ھٽي ڪري غيرمعمولي تڏھن ٿيو، جڏھن ھڪ شخص پنھنجي جيپ ۾ سڪيورٽي سميت راولپنڊيءَ جي روڊن تي نڪري آيو ۽ مختلف هنڌن تي بيھي ماڻھن کي ھڪ ڪاغذ جو پنو لھرائي ڏيکاري رھيو ھو. اھو شخص ھو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ھٿ ۾ خط ھڪ طاقتور ملڪ جي وزير خارجه پاران اماڻيل ھو. اچو ته انھي ڏينھن کان پھريان جي معاملات جو جائزو وٺون ٿا ۽ ٻه مھينا پوئتي ٿا ھلون.

                 مارچ 1977u تي پنھنجي مقررہ وقت کان اڳ چونڊن جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان پيپلزپارٽي ڪل 200 سيٽن مان 155 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جڏھن ته انھي جي اپوزيشن ۾ پي اين اي (پاڪستان نيشنل الائنس) صرف 36 سيٽون ڪڍي سگھي. نتيجي ۾ پاڪستان نيشنل الائنس ذوالفقار علي ڀٽو تي ڌانڌلي جو الزام ھڻندي، چونڊن جا نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ نون چونڊن جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو. ڏسندي ئي ڏسندي پاڪستان نيشنل الائنس پاران نون چونڊن جو مطالبو زور وٺي ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو مذاڪرات ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي 29 اپريل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته منھنجي خلاف پاڪستان نيشنل الائنس جي ھي تحريڪ غيرملڪي سازش جو نتيجو آھي. ذوالفقار علي ڀٽي اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي ٽي نقطا بيان ڪيا:

  1. سندس مطابق جڏھن ھو ايوب خان جي دور ۾ وزير خارجه ھو ته کيس ويٽنام واري جنگ ۾ اتر ويٽنام (اتر ويٽنام جي گوريلن کي روس سپورٽ ڪري رھيو ھو) جي مقابلي ۾ ڏکڻ ويٽنام (جيڪو آمريڪا جو اتحادي ھو) جي حمايت ڪرڻ جو چيو ويو. جنھن تي ھن انڪار ڪري ڇڏيو.
  2. اسيمبلي کي خطاب ڪندي ھن ٻي ڳالھ اھا رکيائين ته ھن 1974 ۾ دنيا جي مسلمان اڳواڻن جي او آئي سي ڪانفرنس پڻ پاڪستان ۾ ڪرائي، جنھن ته ھڪ عالمي طاقت ڪاوڙيل ھئي. (تنھن وقت آمريڪا نه پئي چاھيو ته اھا ڪانفرنس ٿئي).
  3. ٽين ڳالھه ھن اھا ڪيائين ته کيس پاڪستان ۾ ايٽمي پلانٽ لڳائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. (1976 ۾ تنھن وقت جي آمريڪي وزير خارجه ھينري ڪسنجر ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ملاقات لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته انھيءَ ملاقات ۾ آمريڪي وزير خارجه آمريڪي صدر جيرالڊ فورڊ جو اھو نياپو ڀٽي کي پھچايو ته ھو ايٽمي طاقت ٿيڻ جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. ٻڌايو وڃي ٿو ته انھي ئي ملاقات ۾ آمريڪي وزير خارجه ڀٽي کي ايٽمي پروگرام نه ڇڏڻ جي صورت ۾ “عبرت جو نشان” بڻائڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني.)

ڀٽي صاحب انھيءَ تقرير ۾ ڪنھن به ملڪ جو نالو ته ڪونه ورتو. پر، انھيءَ تقرير کانپوءِ آمريڪا جو ردعمل آيو، جنھن ۾ آمريڪا پاڪستان نيشنل الائنس کي ڪنھن به قسم جي مالي مدد جي ترديد ڪئي. تنھن کانپوءِ آمريڪي وزير خارجه پاران پاڪستاني وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ھڪ خط اماڻيو ويو، جنھن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مذاڪرات جي آڇ ڪئي وئي ھئي.

آمريڪي وزير خارجه جو اھو ئي خط کڻي ذوالفقار علي ڀٽو 2 مئي 1976 تي راولپنڊي جي روڊن تي گھمندو ۽ ماڻھو جي اڳيان اھو خطو لھرائيندو رھيو. ماڻھن اڳيان اھو خط لھرائيندي ذوالفقار علي اھو چوندو رھيو ته ھي اھو خط آھي، جيڪو امريڪا موڪليو ۽ ھو چاھين ٿا ته آئون ھنن سان ڳجھا مذاڪرات ڪريان. آئون مذاڪرات ڪندس پر پاڪستان جي مفاد تي سمجھوتو ھرگز نه ڪندس. اھو خط اصل ۾ ڌمڪي ته ڪونه ھئي پر مذاڪرات جي پيشڪش ھئي ۽ نه صرف اھي مذاڪرات ٿيا، بلڪه ڪامياب به ٿيا. انھن مذاڪرات جي ڪجھ وقت کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو، ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪري ملڪ ۾ مارشل لاء لاڳو ڪئي وئي.

انھي ئي اسڪرپٽ سان ملندڙ جلندڙ تازوئي پاڪستاني سياست جي صورتحال تاريخ ورجائيندي نظر آئي. جڏھن  27 مارچ 2022 تي اسلام آباد ۾ ھڪڙي جلسي ۾ سابق وزيراعظم عمران خان ھڪ ڪاغذ جو ٽڪرو لھرائيندي سندس حڪومت خلاف غيرملڪي سازش جي دعويٰ ڪئي. پنو لھرائيندي عمران خان چيو ته سندس حڪومت خلاف غيرملڪي سازش جو ھن وٽ تحريري ثبوت پڻ آھي. تنھن کانپوءِ جي پاڪستاني سياست تي اھو ڪاغذ جو ٽڪرو (سائفر) ڇانيل رھيو. ائين چئي سگھجي ٿو ته پاڪستاني سياست سائفر زدہ رھي.

ڪجھ ڏينھن پھريان 09 اگسٽ تي “انٽرسيپٽ” نالي ھڪ آمريڪي آنلائن نيوز ويبسائٽ ليڪ ٿيل سائفر جو ڊيڪوڊڊ مسودو شايع ڪيو آھي. انٽرسيپٽ مطابق اھو سائفر سندس ھڪ ملٽري سورس جي ذريعي ليڪ ٿيو. خفيا ليبل ٿيل انھيءَ سائفر ۾، تنھن وقت جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اسد مجيد خان پاران سندس آمريڪي محڪمه خارجه جي عھديدارن بشمول بيورو آف سائوٿ اينڊ سينٽرل ايشين افيئرز ڊونلڊ لو سان ٿيل ھڪ ملاقات جو تذڪرو ڪيل آھي. اسد مجيد انھي سائفر ۾ لکي ٿو ته، “شروع ۾ ڊان (ڊونلڊ لو) يوڪرين جي بحران تي پاڪستان جي موقف جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته هتي (آمريڪا) ۽ يورپ جا ماڻهو ان ڳالهه تي ڪافي پريشان آهن ته پاڪستان (يوڪرين تي) اهڙي جارحاڻي انداز ۾ غيرجانبدار موقف ڇو اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اهڙو موقف به ممڪن آهي. اهو اسان کي اهڙو غير جانبدار موقف نٿو لڳي”. انھي ڳالھ مان پاڻ اھو اندازو لڳائي سگھون ٿا ته شايد ڊانلڊ لو اھو اشارو پئي ڪيو ته پاڪستان جو اسٽينڊ دراصل غيرجانبدار نه بلڪه روس جي طرف جھڪاءُ آھي.

“ھن (ڊونلڊ لو) چيو ته اھو بلڪل واضح آھي ته اھا وزيراعظم جي پاليسي آھي. ھن جو خيال ھو ته اهو اسلام آباد جي موجوده سياسي ڊرامن سان جڙيل آهي، جنهن جي هن (وزيراعظم عمران خان) کي ضرورت آهي ۽ عوام کي منهن ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي”.

اسد مجيد وڌيڪ انھيءَ سائفر ۾ لکي ٿو ته “مون ڊانلڊ لو کان پڇيو ته ڇا آمريڪا جي اھڙي سخت رد عمل جو سبب اقوام متحده ۾ ووٽنگ ۾ پاڪستان طرفان پاسيرو رھڻ (Abstention)  آھي. هن واضح طور تي منفي ۾ جواب ڏنو ۽ چيو ته اهو ردعمل وزيراعظم جي ماسڪو جي دوري جي ڪري آھي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ڪامياب ٿيو ته واشنگٽن ۾ سڀ ڪجهه معاف ٿي ويندو، ڇو ته روس جي دوري کي وزيراعظم جي فيصلي جي طور ڏٺو پيو وڃي”. تنھن کانپوءِ سائفر جو اڪثريتي حصو پاڪستاني سفير اسد مجيد پاران ڊانلڊ لو کي جواب ۽ پيش ڪيل وضاحت تي مشتمل آھي. آخر ۾ پاڪستاني سفير پاران حڪومت پاڪستان کي اھا سفارش پڻ ڪئي وئي آھي ته “جيئن ته ڊانلڊ لو پاڪستاني جي اندروني سياسي عمل تي ڳالھايو آھي. اسان کي انھي تي سنجيدگيءَ سان ردعمل ڏيڻ گھرجي ۽ پاڪستان ۾ امريڪي افيئرز سنڀاليندڙ کي مناسب ڊيمارچ (ڊيمارچ سفارتي يا سياسي اقدام کي چئبو آھي) ڪرڻ تي غور ڪرڻ گھرجي”.

مٿي ڄاڻايل سائفر جي اسڪرپٽ ۾ ڪٿي به باضابطا طور امريڪي نمائندي پاران عمران خان کي ھٽائڻ جي ڳالھ ناھي ٿيل. پر، سندس سفارتي سطح جي ڳالھ ٻولھ ۾ اھڙي ڳالھ يا خواھش جو اظھار ڪرڻ ته “جيڪڏهن وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ڪامياب ٿيو ته واشنگٽن ۾ سڀ ڪجهه معاف ٿي ويندو” ڪو به  “بااختيار” ملڪ سندس اندروني معاملات ۾ مداخلت طور ئي وٺندو. انھي سڄي معاملي ۾ عمران خان جي ڳالھين (جنھن ۾ ھو ڪڏھن سازش ته ڪڏھن مداخلت جھڙا بيان ڏيندو رھيو) کي مڪمل سچ چوڻ جيترا ھن وقت تائين ڪي ثبوت ته موجود ناھن،

پر منھنجي خيال ۾ مداخلت جي حد تائين ڳالھ شايد درست چئي سگھجي ٿي. پر، ٻئي طرف اھو به ڏسڻ گھرجي ته قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان خلاف عدم اعتماد جون تياريون انھي سائفر کان گھڻو وقت اڳ 2021 جي تقريبن پڇاڙي کان ھلندڙ ھيون. انھي دوران پي ڊي ايم جا اڳواڻ تنھن وقت جي پي ٽي آئي جي حڪومت جي اتحادين سان به باقاعدگي سان نه صرف ملاقاتون ڪندا رھيا، بلڪه انھن ملاقاتن بعد پريس ٽاڪس به ٿينديون رھيون. فيبروري 2022 ۾ پي ڊي ايم باضابطه طور قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ھو. واضح رھي ته عمران خان پاران روس جو دورو به تنھن کانپوءِ ٿيو ھو.

پي ٽي آئي جو وزير خارجه شاہه محمود قريشي به تنھن وقت اھو چيو ته اسان تحريڪ عدم اعتماد جو سياسي انداز ۾ مقابلو ڪري شڪست ڏينداسون. عمران خان پاڻ پي ڊي ايم کي تحريڪ عدم اعتماد لاء چيلنج ڪندو رھيو. جڏھن تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابي واضح ٿيڻ لڳي تڏھن عمران خان انھي بيان سان سامھون آيو ته سندس خلاف تحريڪ عدم اعتماد آمريڪي سازش آھي، ڇاڪاڻ ته ھن روس جي دوري دوران روس کان سستو تيل وٺڻ جي معاھدي ڪيو،

جنھن تي آمريڪا ڪاوڙيل ھو. پر، عمران خان جي انھي بيان جي ترديد روسي سفير ھڪڙي ٽاڪ شو ۾ ڪئي ۽ چيو ته اھڙو ته ڪو معاھدو ٿيو ئي ڪونه ھو. عمران خان کي اھو سمجھڻ گھرجي ته ھينئر نه ئي حالتون 1970 واري ڏھاڪي جھڙيون آھن ۽ نه ئي ھو ڀٽو آھي.