پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم

0
147

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سومر ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي

چيف جسٽس عامر فاروق زباني حڪم جاري ڪندي چيو ته ڪوشش هوندي ته اڊيالا جيل منتقلي جو لکت ۾ آرڊر اڄ ئي جاري ڪيون

چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا جو اسٽيٽس تبديل ٿي چڪو آهي، اسلام آباد جا سمورا انڊر ٽرائل قيدي اڊيالا جيل ۾ آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا تائين اٽڪ جيل ۾ ڇو آهي؟ هو اڊيالا جيل ۾ ڇو نه آهي؟

 ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل چيو ته سائيفر ڪيس ۾ گرفتاري وقت عدالتي آرڊر اٽڪ جيل جو آهي

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ٽي وي اينڪر ۽ يو ٽيوبر عمران رياض 4 مهينا گم رهڻ بعد گهر پهچي ويو