ٽي وي اينڪر ۽ يو ٽيوبر عمران رياض 4 مهينا گم رهڻ بعد گهر پهچي ويو

0
197

سيالڪوٽ: ٽي وي اينڪر ۽ يو ٽيوبر عمران رياض چئن مهينن تائين گم رهڻ بعد گهر پهچي ويو آهي

سيالڪوٽ پوليس تصديق ڪندي چيو آهي ته 11 مئي 2023 تي پوليس جي حراست مان آزادي بعد گم ٿيل عمران رياض خان پنهنجي گهر پهچي ويو آهي‏

عمران رياض جي وڪيل ميان علي اشفاق به عمران رياض جي بازيابيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي

پوليس موجب عمران رياض کي 11 مئي تي سيالڪوٽ ڊسٽرڪٽ جيل مان آزاد ڪيو ويو هو، جنهن بعد هو گم ٿي ويو هو

عمران رياض جي والد پٽ جي بازيابيءَ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ 20 سيپٽمبر تي آخري ٻڌڻي دوران آءِ جي پنجاب کي عمران رياض جي بازيابيءَ لاءِ 26 سيپٽمبر تائين جي مهلت ڏني هئي