قاضي احمد: شاگردياڻي کي هيسائڻ جي الزام ۾ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر گرفتار

0
323

قاضي احمد ويجهو هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ پرڻيل ناريءَ کي هيسائڻ جي الزام هيٺ هيڊ ماسٽر گرفتار ٿي ويو آهي

ميٽرڪ جي شاگردياڻي سعيده کوسو کي هيسائڻ جي الزام هيٺ ڳوٺ مصري خان کوسو هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر ذوالفقار کوسو ۽ استاد محبوب کوسو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

شاگردياڻي سعيده کوسو جي مڙس پوليس اهلڪار محمد يونس کوسو ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس گهرواري سعيده هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي آهي، استاد محبوب کوسو ساڻس غلط حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گهر شڪايت ڪرڻ تي هيڊ ماسٽر ذوالفقار کوسو گهرواري کي آفيس  گهرائي گارگند ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون

پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد هيڊ ماسٽر کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن