پنجاب ۾ اکين جي انفيڪشن سبب انجيڪشن لڳرائيندڙ وڌيڪ 7 شهري نور وڃائي ويٺا

0
312

پنجاب ۾ جعلي انجيڪشن جي استعمال سبب شهرين جي نظر ختم ۽ متاثر ٿيڻ جا نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي

ملتان ۾ جعلي انجيڪشن لڳائڻ سبب اکين جي نظر متاثر ٿيڻ جا وڌيڪ 7 ڪيس سامهون اچي ويا، متاثر شهرين هفتو اڳ اکين ۾ انجيڪشن لڳرائي هئي

بهاولپور ۾ انجيڪشن لڳرائڻ سبب بينائي متاثر ٿيڻ جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو، متاثر شهريءَ جو چوڻ آهي ته هن 21 سيپٽمبر تي هڪ نجي اسپتال مان انجيڪشن لڳرائي هئي، جنهن کانپوءِ نظر هلي وئي

پنجاب ۾ جعلي انجيڪشن جي استعمال سبب بينائي متاثر ٿيڻ وارن ڪيسن جو انگ وڌي 68 ٿي ويو، نگران وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومت بينائي متاثر ڪندڙ انجيڪشن جي استعمال تي گذريل ڏينهن پابندي لڳائي ڇڏي هئي

هي به پڙهندا

پنجاب ۾ جعلي انجيڪيشن جي استعمال سبب ڪيترائي ماڻهو اکين جو نور وڃائي ويٺا