لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي رهيل ميچز جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب پي ايس ايل جي باقي ميچز جو شيڊول تيار ڪري ورتو آهي. ميچز کان اڳ رانديگرن کي 7 ڏينهن جو قرنطينه مڪمل ڪرڻو پوندو، 22 مئي کان 28 مئي تائين رانديگرن کي قرنطينه ۾ وقت گذارڻو پوندو ۽ ان جي 3 ڏينهن بعد يعني 31 مئي تائين رانديگرن کي ٽريننگ مڪمل ڪرڻي پوندي، جنهن بعد پهرين جون کان ميچز شروع ٿينديون. ذريعن موجب بائيو سيڪيور ببل لاءِ پي سي بي پرڏيهي تجربيڪار ڪمپني جون خدمتون پڻ حاصل ڪري ورتيون آهن. پي ايس ايل جون رهيل ميچز ڪراچي ۾ئي کيڏيون وينديون، پهرين ميچ لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ ۾ ٿيندي ۽ آخري دنگل 20 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي بورڊ آف گورنرز پي ايس ايل ۾ ڪورونا پروٽوڪولز جي حوالي سان سامهون آيل ڪوتاهين تي مايوسي ظاهر ڪئي آهي ۽ مناسب قدم کڻڻ توڙي زيرو ٽالرنس پاليسي تي زور ڏنو آهي.