ڪراچي ( استاف رپورٽر) پي آءِ اي سميت مختلف ايئر لائين ڪمپنين ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد وچ ۾ ڊوميسٽڪ ڀاڙن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب عيد تي ڊگهيون موڪلون اچڻ سبب فضائي سفر ڪندڙن جي رش وڌي آهي، اهڙي صورتحال ۾ جون مهيني ۾ ڪراچي کان اسلام آباد ۽ لاهور جو هڪ طرفو ڀاڙو 7 هزار رپيا هو، جيڪو هاڻ وڌي 13000 رپين تي پهتو آهي، فضائي ڪمپنيون ڪراچي کان اسلام آباد ۽ ڪراچي کان لاهور جي رٽرن ٽڪيٽ جا 25 هزار وصول ڪري رهيون آهن