مظفرآباد (م ڊ) مريم نواز جي جلسي ۾ نوٽن جي برسات، ڪارڪن ڪرنسي ميڙيندا رهيا، آزاد ڪشمير جي ضلعي هٽيان بالا ۾ نواز ليگ جي جلسي ۾ نوٽ اڇلايا ويا، نجي ٽي وي موجب نواز ليگ جي مقامي قيادت پاران منعقد ڪيل جلسي ۾ مريم نواز جي آمد وقت اڳواڻن 10 ۽ 50 رپين جون دستيون گهوريون، جلسي گاهه ۾ موجود ٻيا ڪارڪن نوٽ گڏ ڪرڻ ۾ مصروف رهيا.