پ پ قيادت دبئي ۾ ديرا ڄمائي ورتا: سنڌ ۽ پنجاب مان اهم اڳواڻ پڻ طلب

0
479

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو ۽ فقير سليم) نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي سرگرم ٿيڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي جي ليڊرشپ پاڪستان بدران دبئي ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن. پيپلزپارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اڳوڻو  چيئرمين آصف علي زرداري گذريل ٻن ڏينهن کان دبئي ترسيل آهن، جڏهن ته سنڌ مان اڳوڻن صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه کي پڻ دبئي سڏايو ويو آهي. پيپلزپارٽيءَ جي ويجھن ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان مان اڳوڻي وزيراعليٰ مرادشاهه سميت پيپلزپارٽيءَ جا ڪجهه ٻيا اڳواڻ پڻ ڪجھه ڏينهن اندر دبئي پهچندا. جتي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا. انتهائي ذميوار ذريعا اهو پڻ چئي رهيا  آهن ته پيپلزپارٽيءَ جي قيادت جون  دبئي ۾ ڪجهه اهم ملاقاتون ٿيڻيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽيءَ کي ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ، نگران وفاقي ۽ صوبائي ڪابينائن ۾ جائز حصو نه ملڻ، اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا سميت مختلف اڳواڻن خلاف نيب ۾ انڪوائريون شروع ٿيڻ، ترقياتي ڪمن کي روڪڻ ۽ پيپلزپارٽي جي دور ۾ مقرر ٿيل آفيسرن خلاف ڪارروايون ٿيڻ تي موجوده سرڪار ۽ اعليٰ اختيارين کان شڪايتون آهن. انهن شڪايتن جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي پاڪستان بدران دبئي ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي. ذريعن موجب پيپلزپارٽيءَ جي قيادت ڪجهه ڏينهن دبئي رهڻ کانپوءِ واپس پاڪستان پهچندي. ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پارٽي اڳواڻ دبئي ويندا رهندا آهن، اتي اڳ به سرگرميون ٿينديون آهن، هن وقت به دبئي  ۾ خاص سرگرميون ناهن، اتي ٿيندڙ گڏجاڻيون روٽين جو حصو آهن. پارٽي اڳواڻ جيئن ئي پاڪستان پهچندا ته لاهور ۾ سينٽرل ايگزيڪٽوڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. رات دير سان دبئي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان اڳوڻن وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر شاهه اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران  پ پ اڳواڻن آصف زرداري کي سنڌ جي سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سياسي سرگرمين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته  ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ مان ڪلين سوئيپ ڪندي.