مڪيش ڪمار چاولا جا فرنٽ مين ڄاڻايل 4 آفيسر گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا

0
347

ڪراچي: اربين روپين جي ڪرپشن جي انڪوائري شروع ٿيڻ بعد اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جا فرنٽ مين ڄاڻايل 4 آفيسر گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا،  گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ورتي

 ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسائيز عبدالوحيد شيخ، حسن علي شريف، عامر گل شريف ۽ عامر شريف پاران گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

چئني آفيسرز موقف اختيار ڪيو ته نيب جي جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهيون، خدشو آهي ته گرفتار ڪيو ويندو، عدالت نيب کي چئني آفيسرز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

چئني آفيسرز کي نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

نيب ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جي انڪوائري دوران ڄاڻايل آفيسرز کي مڪيش چاولا جو فرنٽ مين قرار ڏئي چڪو آهي

نيب پاران مڪيش ڪمار چاولا ۽ سندس گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن