اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 22-2021ع لاءِ3 هزار 420 ارب رپين جي خساري واري 8 هزار 487 ارب رپين جي بجيٽ پيش، وفاقي سرڪاري ملازمن ۽ پينشرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 20 هزار مقرر، 3 منٽن کان وڌيڪ موبائيل فون ڪال، انٽرنيٽ پيڪيجز، موبائيل ايس ايم ايس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ سبب فون ڪال، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ پيڪيج مهانگا ڪرڻ جي تجويز، کنڊ جي مارڪيٽ اگهه تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سبب کنڊ جي في ڪلو تي هڪ رپيو اضافي ٽيڪس لڳڻ سبب کنڊ مهانگي ڪرڻ، آن لائن خريداري تي سيلز ٽيڪس، امپورٽ ٿيندڙ موبائيلن، ٽائرن تي به ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ واڌ جو اعلان، عورتن جو ميڪ اپ، عام استعمال ۽ واهپي جون لگزري شيون، شيمپو، پرفيوم، ڪروڊ آئل، امپورٽيڊ سگار، اليڪٽرڪ سگريٽ مهانگا، خام تيل تي به زيرو ريٽنگ ختم، مقامي طور تي بجلي تي هلندڙ گاڏين جي تياري تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۾ ناڻي وزير شوڪت ترين مالي سال 22-2021ع جي 8 هزار 487 ارب رپين جي حجم واري بجيٽ پيش ڪئي، پيش ڪيل وفاقي بجيٽ 570 ارب رپيا ملڻ کان پوءِ به 3 هزار 420 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ آهي، مجموعي بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 6.3 سيڪڙو آهي، ايف بي آر لاءِ 5 هزار 829 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو حدف 2 هزار 80 ارب رپيا آهي، وفاق جي ائين مجموعي ٽيڪس آمدني 7 هزار 909 ارب رپيا ٿئي ٿي جنهن مان ايندڙ مالي سال دوران صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 3 هزار 412 ارب رپيا ڏنا ويندا، صوبن کي حصو ڏيڻ کان پوءِ وفاق وٽ 4 هزار 497 ارب رپيا بچندا، جڏهن ته ايندڙ مالي سال 22-2021ع دوران مجموعي خرچن جو ڪاٿو 8 هزار 487 ارب لڳايو ويو آهي، ائين پيش ڪيل بجيٽ 3 هزار 990 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ آهي، پر بجيٽ ۾ صوبن کان 570 ارب رپين جا سرپلس وٺڻ جو حدف رکيو ويو آهي جنهن کان پوءِ بجيٽ خسارو 6.3 سيڪڙو يعني 3 هزار 420 ارب رپين تي ايندو، بجيٽ ۾ قرضن تي وياج جي ادائگي لاءِ 3 هزار 60 ارب، پينشن لاءِ 480 ارب، دفاعي بجيٽ لاءِ 1370 ارب، صوبن کي گرانٽس جي مد ۾ 1168 ارب، سول وفاقي حڪومت جي خرچن جي مد ۾ 479 ارب، پگهارن ۽ پينشنن جي فراهمي لاءِ 160 ارب، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 900 ارب رکيا ويا آهن، جڏهن ته ناڻي وزير شوڪت ترين پاران پيش ڪيل فنانس بل مطابق کنڊ جي ايڪس مل قيمت بجاءِ مارڪيٽ قيمت تي ٽيڪس لڳائڻ سبب کنڊ جي في ڪلو تي ٽيڪس ۾ هڪ رپئي جو اضافو ٿيندو، انٽرنيٽ پيڪيجز، 3 منٽن کان وڌيڪ موبائيل فون ڪال تي هڪ رپيو ۽ هر ايس ايم ايس تي 10 پيسن جي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن بابت ناڻي وزير چيو آهي ته اهڙي تجويز کي ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم رد ڪيو ،خام آئل ۽ ٻين مصنوعات تي به زيرو ريٽنگ ٽيڪس شرح ختم ڪري 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي 38 ارب رپيا عوام کان اضافي وصول ٿيندا، ايل اين جي، سون، چاندي تي به هڪ جيتري 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي، ان قدم سان 35 ارب رپيا اضافي وصول ٿيندا، عام استعمال ۽ واهپي جي لگزري ايٽمن تي به هڪ جيتري 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن سان 14 ارب رپيا اضافي وصول ٿيندا، ڪروڊ آئل تي به ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن مد ۾ 38 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته امپورٽيڊ موبائيلن تي به ٽيڪس شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن مد ۾ 16 ارب رپيا اضافي وصول ٿيندا، عورتن جي امپورٽيڊ ميڪ اپ تي به ٽيڪس شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ميڪ اپ مهانگو ٿيندو، امپورٽيڊ ٿيندڙ عامواهپي جون شيون شيمپو، پرفيوم تي به ڪسٽم ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ان مد ۾ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ اضافي سان 11 ارب رپيا اضافي وصول ٿيندا، فنانس بل ۾ مجموعي طور تي 383 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن، جڏهن ته سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 215 ارب، ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 52 ارب، انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 116 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ٿيل شامل آهن، امپورٽيڊ سگار ، اليڪٽرڪ سگريٽ تي ٽيڪس شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اهي مهانگا ٿيندا، بجيٽ ۾ آن لائين خريداري تي به سيلز ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن مد ۾ 11 ارب رپين جي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي، پوائنٽ آف سيلز تي رجسٽرڊ رٽيلرن تي به 8 ارب رپين جي ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي، بجيٽ ۾ 119 ارب رپين جو ٽيڪس رليف به ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 42 ارب رپين جي ڇوٽ به شامل آهي، جڏهن ته سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 19 ارب جي ڇوٽ ۽ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 58 ارب جي ڇوٽ شامل آهي، مجموعي طور تي 589 ٽيرف ايٽمن کي ڪسٽم ڊيوٽي تي رعايت ڏني وئي آهي، صنعتن لاءِ خام مال امپورٽ ڪرڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 12 ارب رپين جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، ڪيميڪل انڊسٽري لاءِ خام مال جي امپورٽ تي 6 ارب رپين جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ پوليٽري فيڊ لاءِ به خام کي ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، 850 سي سي گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، جنهن سان 850 سي سي گاڏي سستي ٿيندي، مقامي طور تي تيار ٿيندڙ اليڪٽريڪل گاڏين لاءِ سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قرآن پاڪ جي اشاعت لاءِ استعمال ٿيندڙ پيپر تي مڪمل ٽيڪس ڇوٽ هوندي، قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي ناڻي وزير شوڪت ترين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ معيشت جي ٻيڙي کي ڪيترن ئي طوفانن کان ڪڍي ڪناري تي آندو آهي، اها ڪاميابي وزيراعظم عمران خان جي مثالي قيادت کان بغير ممڪن نه هئي، عمران خان کي خراب معاشي صورتحال ورثي ۾ ملي، اسان 20 ارب ڊالر جي ڪرنٽ خساري کي اپريل 2021 تائين 80 ڪروڙ ڊالر سرپلس تي آڻي ڇڏيو آهي، ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد ۾ 3 لک 12 هزار جو اضافو ڪيو آهي، پاڪستان هاڻي فوڊ ڊيفيسٽ (خساري) وارو ملڪ بڻجي ويو آهي، هن چيو ته ايندڙ مالي سال 22-2021ع لاءِ اسان معاشي گروٿ جو حدف 4.1 سيڪڙو رکيو آهي، هن چيو ته اسان ترقياتي بجيٽ 630 ارب رپين کان وڌائي 900 ارب رپين تي آندي آهي، ترقياتي بجيٽ ۾ 40 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، هن چيو ته سمال ميڊيم انٽرپرائيزز کي بنا ضمانت قرضن جي فراهمي جي اسڪيم شروع ڪئي پئي وڃي جنهن لاءِ 12 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، ناڻي وزير چيو ته هن وقت ٽيڪس ڏيندڙن جو تحفظ ڪنداسين، انهن تي ڪو اضافي بار نه وڌو ويندو، هر شخص پنهنجا ٽيڪس گوشوارا پاڻ ٺاهي ايف بي آر کي موڪليندو، ايف بي آر جي آڊٽ انڊپينڊنٽ آڊيٽر کان ڪرائي ويندي، ڄاڻي واڻي قابل ٽيڪس آمدني لڪائڻ يا ٽيڪس چوري ڏوهه تصور ٿيندي، اهڙن ماڻهن کي جيل جي سزا ڏني ويندي، ٽيڪس ڏيندڙن کي حراسان ڪندڙن خلاف به سخت ڪارروائي ڪنداسين، طاقتور گروپن کي ملندڙ ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو ڪيو ويندو، جڏهن ته ويليو ايڊيڊ ٽيڪس جو به خاتمو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آن لائين خريداري واري عمل کي سيلز ٽيڪس جي دائري ۾ آندو پيو وڃي، ملڪ ۾ مارڪيٽ اندر جعلي سگريٽ جي دستيابي وڏو مسئلو آهي، ان لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، مختلف برانڊس جي سگريٽن کي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻ جو پابند ڪيو ويندو، هن چيو ته استعمال ٿيل بيٽرين تي سيلز ٽيڪس وٿ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪئي پئي وڃي، اهو ڪاروبار غير رجسٽرڊ ماڻهو ڪري رهيا آهن، هن چيو ته بينڪنگ ٽرانزيڪشنز، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مارجن فنانسنگ، ايئر ٽريول سروسز، ڊيبٽ ڪارڊس ذريعي ٽرانزيڪشنز ڪندڙن تي وٿ هولڊ ٽيڪس گهٽ ڪئي پئي وڃي. ناڻي وزير چيو ته عبدالستار ايڌي فائونڊيشن، انڊس اسپتال نيٽ ورڪ، ايشين ايڊ فائونڊيشن، سندس فائونڊيشن، سٽيزن فائونڊيشن، علي زيد فائونڊيشن جهڙن انسان دوست اين جي اوز کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني پئي وڃي، ڪتابن، رسالن، زرعي آلات، 800 سي سي تائين گاڏين جي امپورٽ تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني پئي وڃي، مزدور ۽ معيشت کي دستاويز بنائڻ لاءِ انڪم ٽيڪس ۾ بزنس ٽرانزيڪشن جي لاءِ نوٽيفائيڊ بينڪ اڪائونٽ جو سلسلو متعارف ڪرايو پيو وڃي، اهڙا اڪائونٽ نه رکندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي،هن چيو ته پاڪستان جي دنيا جي اٺين وڏي موبائيل فون استعمال ڪندڙ مارڪيٽ آهي، هر سال موبائيلن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ قيمتي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو هڪ وڏو حصو موبائيلن جي امپورٽ ۾ ضايع ٿئي ٿو، ان ڪري موبائيل فون جي امپورٽ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته حڪومت کي ملازمن جي مشڪلاتن جو ادراڪ آهي پهرين جولاءِ 2021ع کان تمام سرڪاري ملازمن کي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو ويندو، وفاقي حڪومت جي تمام پينشرن جي پينشن ۾ به 10 سيڪڙو اضافو ٿيندو، اردلي الائونس 14 هزار مان وڌائي ساڍا 17 هزار ڪيو پيو وڃي، گريڊ هڪ کان 5 تائين جي ملازمن جي انٽيگريٽيڊ الائونس 450 رپين مان وڌائي 900 رپيا ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ ماهور اجرت 20 هزار ڪئي پئي وڃي.