اسلام آباد: وفاقي حڪومت نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ کانسواءِ ٽين بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ کي 848 ۽ پنجاب کي 1691 ارب رپيا ملندا، سنڌ کي گرانٽ جي صورت ۾ 19 ارب رپيا اضافي به ڏنا ويندا. وفاقي حڪومت ساڳئي وقت صوبن کي ٽيڪس ريفنڊ جي مد ۾ ملندڙ رقم ختم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ورڇ جوڳي پول ۾ شامل ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ۾ 1422 ملين رپين، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 1118 ملين، جي ڊي ايس جي مد ۾ 1172 ملين، ڪچي تيل تي رائلٽي جي مد ۾ 1595 ملين ۽ قدرتي گيس تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 2972 ملين ڪل 8279 ملين رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گذريل سال 50 ارب رپيا ڏنا ويا هئا. مليل انگن اکرن موجب قومي مالياتي ڪميشن تحت صوب کي ٽيڪس منتقل ڪيا ويندا، ورڇ جوڳي پول مان صوبن کي ڪل 34 کرب 11 ارب 85 ڪروڙ 80 لک رپيا منتقل ڪيا ويندا. هلندڙ سال اها رقم 28 کرب 73 ارب 71 ڪروڙ 90 لک رپيا هئي. ورڇ جوڳي پول مان پنجاب کي ڪل 16 کرب 91 ارب 9 ڪروڙ 80 لک رپيا ملندا، گذريل بجيٽ پنجاب جو حصو 14 کرب 39 ارب 11 ڪروڙ 60 لک رپيا هو. ايندڙ سال پنجاب جي حصي ۾ 2 کرب 51 ارب 98 ڪروڙ 20 لک رپين جو اضافو ٿيو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ سنڌ جي حصي ۾ ورڇ جوڳي پول مان 8 کرب 48 ارب 20 ڪروڙ 80 لک رپيا رهندو، هلندڙ سال اهو حصو 7 کرب 42 ارب 3 ڪروڙ رپيا هو ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ جي حصي ۾ هڪ کرب 6 ارب 17 ڪروڙ 80 لکن جو اضافو ٿيو آهي. خيبرپختون خوا جي حصي ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ 5 کرب 59 ارب 25 ڪروڙ 70 لک رپيا ايندا، هلندڙ سال اهو حصو 4 کرب 77 ارب 51 ڪروڙ 90 لک رپيا آهي ايندڙ بجيٽ ۾ ڪي پي ڪي جي حصي ۾ 81 ارب 73 ڪروڙ 80 لک رپين جو اضافو ٿيو آهي. بلوچستان جي حصي ۾ ڪل 3 کرب 13 ارب 29 ڪروڙ 60 لک رپيا آيا آهن جيڪي گذريل سال 2 کرب 65 ارب 5 ڪروڙ 40 لک رپيا هئا. بلوچستان جو حصو 48 ارب 24 ڪروڙ 20 لک رپيا وڌيو آهي. جڏهن ته گذريل سال صوبن کي ٽيڪس ريفنڊ جي مد ۾ 50 ارب رپيا رکيا ويا هئا جيڪي هن سال نه رکيا ويا آهن. بجيٽ دستاويزن موجب ورڇ جوڳي پول ۾ 33 کرب 10 ارب 48 ڪروڙ 90 لک رپين جا اوڳاڙيل ٽيڪس گڏ ٿيندا جن مان انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 12 کرب 32 ارب 87 ڪروڙ 70 لک رپيا، ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي مد ۾ ايندڙ سال 322 ملين رپيا گڏ ٿيندا جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ ان مد ۾ هڪ ارب 74 ڪروڙ 40 لک رپيا گڏ ٿيڻا آهن. سي وي ٽي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1422 ملين رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. خدمتن تي جي ايس ٽي کانسواءِ سيلز ٽيڪس 14 کرب 35 ارب 58 ڪروڙ 80 لک رپيا هوندو، قدرتي گيس تي ايڪسائيز ڊيوٽي کانسواءِ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ هڪ کرب 97 ارب 28 ڪروڙ 50 لک رپيا ملندا، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ ارب 11 ڪروڙ 80 لک رپيا گهٽ اوڳاڙي ظاهر ڪئي وئي آهي. ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ سرچارج کانسواءِ ڪسٽمز ڊيوٽيز مان 4 کرب 44 ارب 41 ڪروڙ 60 لک رپيا ملندا. ان کانسواءِ صوبن کي هڪ کرب هڪ ارب 37 ڪروڙ رپيا منتقل ٿيندا، انهن مان گيس ڊولپمينٽ سرچارج جي مد ۾ 16 ارب 46 ڪروڙ 80 لک رپيا ملندا، قدرتي گيس تي رائلٽي جي مد ۾ صوبن کي 51 ارب 56 ڪروڙ 40 لک رپيا ملندا جيڪي هلندڙ مالي سال جي 52 ارب 73 ڪروڙ 60 لک رپيا کان هڪ ارب 17 ڪروڙ 20 لک رپيا گهٽ آهي. ڪچي تيل تي رائلٽي جي مد ۾ صوبن کي 21 ارب 60 ڪروڙ 40 لک رپيا ملندا جيڪا رقم هلندڙ مالي سال جي 23 ارب 19 ڪروڙ 90 لک رپين کان هڪ ارب 59 ڪروڙ 50 لک رپيا گهٽ آهي. قدرتي گيس تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 11 ارب 73 ڪروڙ 30 لک رپيا سڌي ريت منتقل ڪيا ويندا. ان منتقلي ۾ به صوبن جي حصي ۾ 2 ارب 97 ڪروڙ 20 لک رپين جي گهٽتائي ٿي آهي هلندڙ سال اهو حصو 14 ارب 70 ڪروڙ 50 لک رپيا هو. جڏهن ته وفاقي حڪومت جي جيڪا نان ٽيڪس روينيو آمدني ٻڌائي وئي آهي ان ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ آمدني ۾ 610 ارب رپيا ٻڌائي وئي آهي جيڪا هلندڙ سال 450 ارب رپيا هئي ان ۾ 60 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، قدرتي گيس ڊيولپمينٽ سرچارج به وفاقي حڪومت جو ڄاڻائي ان ۾ 206 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي هلندڙ سال ان مد ۾ آمدني 10 ارب رپيا ڄاڻايل آهي جڏهن ته ايندڙ سال اها آمدني 36 ارب رپيا ڄاڻائي وئي آهي، ڪچي تيل تي رائلٽي به وفاق جي نان ٽيڪس آمدني ۾ شامل ڪري ان ۾ هلندڙ سال جي 25 اربن ۾ 10 ارب جو اضافو ڪري 35 ارب ڪيو ويو آهي، قدرتي گيس تي رائلٽي جي مد ۾ 11 ارب رپين جو اضافو ڄاڻائي هلندڙ سال جي 53 ارب 81 ڪروڙ 20 لک رپين جي ڀيٽ ۾ آمدني 65 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. گيس انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس جي مد ۾ 866 ڀيرا وڌيڪ آمدني ڄاڻائي وئي آهي، هلندڙ سال ان مد ۾ 15 ارب رپين جي آمدني ٻڌايل آهي جيڪا ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ وڌائي 130 ارب رپيا ڄاڻائي وئي آهي. بجيٽ دستاويزن موجب وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي ايندڙ مالي سال ۾ 19 ارب 25 ڪروڙ رپين جي خاص گرانٽ ڏيندي، جيڪا رقم هلندڙ بجيٽ ۾ 19 ارب رپيا هوندي. ڪي پي ڪي کي 77 ارب ۽ بلوچستان کي 10 ارب رپيا اسپيشل گرانٽ ڏني ويندي.