پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان عورت گھريلو اڻبڻت تان زھر پِي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ گگل ۾ مسمات چوڪي ميگهواڙ گهريلو اڻبڻت تان زهريلي دوا پِي ڇڏي، جنھن کي وارث تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا، جتي ڊاڪٽرن عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. بعد ۾ عورت جي لاش کي گهر نيو ويو. علائقي ۾ چوٻول آھن ته عورت جو پٽ ذهني مريض هو، سندس والد علاج نه پئي ڪرايو، جنهن تان عورت مايوس ٿي زهر پي زندگي جو آندو آھي.