جھول (ن پ ا) جھول لڳ ڳوٺ ڌڻي پرتو سھتو واسي 26 ورھين جو پاڪ نيوي جو اهلڪار فراز احمد سھتو ھيڊ ڪوارٽر ماڙيپور ڪراچي ۾ ڊيوٽي دوران پراسرار گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، ان ڏس ٻڌايو پيو وڃي ته هو ڊيوٽي ڪرڻ بعد ڪوارٽر ۾ ترسيل هو ته کيس پراسرار گولي لڳي جنهن ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو، ان حوالي سان وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي پنهنجي گولي لڳي جڏهن ته ڪجهه وارثن جو چوڻ آهي ته گشت دوران نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب هو مارجي ويو آهي، نوجوان جو مڙهه ڪراچي کان جھول لڳ ڳوٺ ڌڻي پرتو سھتو آڻي جنازي نماز کانپوءِ سيد ڪاڪو شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،