ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ويجھو پرڻيل ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ خدا بخش مڱريو ۾19 سالا ڀاڳان زال ڪشور اوڏ گھر جي لانڍي ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي ڍورونارو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي،