پنجاب جي علائقي صادق آباد ويجهو ڌاڙيلن جو حملو، 3گهرڀاتي قتل

0
212
صادق آباد ۾ اغوا ڪوشش

ڏھرڪي (رپورٽ: اعظم سھرياڻي) پنجاب جي علائقي صادق آباد ويجهو ڌاڙيلن جو حملو، 3گهرڀاتي قتل ٿي ويا آھن،  پنجاب جي علائقي صادق آباد ويجهو  ڌاڙيلن جو گهر تي حملو، زميندار  پُٽ ۽ پوٽَي سميت قتل ٿي ويو آھي

چڪ شهبازپور ۾ ڌاڙيلن زميندار ملڪ  صفدر ڊرگهه جي گهر تي حملو ڪيو،  جديد هٿياربندن سان فائرنگ ڪئي، ڌاڙيلن زميندار ملڪ صدر ڊرگهه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي

ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي زميندار  ملڪ صدر ڊرگهه، سندس پٽ  فرحان ۽ پوٽو شاهد مارجي ويا، ٽنهي مقتولن جا لاش صادق آباد  اسپتال منتقل ڪيا ويا، علائقي  ۾ خوف حراس پکڙيل آھي

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي: واپاري ستن ڪمار جي قتل ڪيس جا جوابدار آزاد ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ