ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران  سمورين صنعتن، فيڪٽرين ۽ ننڍن وڏن ڪارخانن جي مزدورن لاءِ  به 12 جولاءِ تائين موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ليبر کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  سمورن صنعتي مزدورن لاءِ 8 کان 12 جولاءِ تائين عام موڪل هوندي.