ڏهرڪي: واپاري ستن ڪمار جي قتل ڪيس جا جوابدار آزاد ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ

0
185

ڏهرڪي  (ن پ ا) واپاري ستن ڪمار جي قتل ڪيس جا جوابدار آزاد ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آھي،  6 مهينا اڳ قتل ٿيل واپاري  ستن ڪمار جي قتل ڪيس جا جوابدار  آزاد ٿيڻ تي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي

مقتول ستن ڪمار جي ڀائٽي دليپ  ڪمار جي فرياد تي 4 ڄڻن خلاف  موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ بشير مهر، ٻروچ  مهر، شاهه مير مهر  سميت 4 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آھن

مھر ڌر الزام ھنيو آھي تھ پوليس اٽالن گهرن تي ڪاهه ڪري عورتن  ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو، 3 ڄڻن  کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي

دليپ ڪمار موجب مهر ڌر جا ماڻهو اسان کي قتل ڪرڻ  چاهين ٿا، اسان جي پلاٽن ۽ پيٽرول پمپ  تي قبضو ڪيو ويو آهي