پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ۾ پبلڪ ھيلٿ جي نااهليءَ سبب شھر جا مين نالا اٿلڻ سبب گندو پاڻي شھر جي مک روڊن تي بيھجي ويو، پاڻي ٿاڻي اندر ڪاھي پيو، اھلڪارن مٽي جو ٻنو ڏئي پاڻي کي وڌيڪ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، شھرين ذوالفقار بوئو، وقار بوئو، فياض بلوچ ۽ حسن لوھر جو چوڻ هو ته بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ گندو پاڻي روڊن تي نڪري تلائن جي صورت ۾ بيھجي وڃي ٿو،گندو پاڻي بيھڻ سبب اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي.