ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ شھر جي وحدت ڪالوني ۾ دوڪانن اڳيان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، جنهن تي ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي انتظاميا خلاف وحدت ڪالوني جي رهواسين وڏي تعداد ۾ اڪبر سوڍر، علام نبي سوڍر جي اڳواڻي ۾ ميهڙقاضي عارف روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ميهڙ قاضي عارف روڊ سان گذرندڙ ٽريئفڪ معطل ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ڪالوني جي رهواسين ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته پاڻي بيهڻ سبب پريشان آهيون، پاڻي نيڪال نه ٿيو ته بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو آهي ڊي سي دادو ۽ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي انتظاميا کان گهرڪئي ته فورن دڪانن اڳيان بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي آفيس جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو.